حڪيم شيخ محمد بکري

حڪيم شيخ محمد بکري: ناميارو عالم ۽ شيخ محمد بکري'>حڪيم شيخ محمد بکري طِب ۾ سنڌ جو بقراط ثاني سڏيو ويندو هو. هن بزرگ جا وڏا اصل بکر جا هئا، جن مان سندس ڏاڏو شيخ محمد (اول) بکر وارو ڳوٺ ڇڏي ٺٽي اچي رهيو. هن حڪيم محمد عالم کان ابتدائي تعليم ورتي، کيس علم تشريح تي عبور حاصل هو. کيس اکين جي بيمارين جي خاص ڄاڻ هئي ۽ ان مخصوص فن ۾ ڪمال حاصل هئس. اکين جي بيمارين تي هن جامع ڪتاب لکڻ شروع ڪيو هو. سالن جا سال ان تي صرف ڪيائين، پر ڪتاب لکي مڪمل ڪرڻ کان اڳ 1174هه/1760ع ۾ وفات ڪري ويو، جنهنڪري سندس اهو ڪتاب اڌ ۾ رهجي ويو.


لفظ حڪيم شيخ محمد بکريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو